مصر ۾ فرعون شاهه خفرع جي ڪاهنن جو وڏو مقبرو هٿ

news

قاهرا: سومر 06 مٸي 2019ع: مصر جي قديمي آثارن واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته قاهرا جي علائقي الجيزا ۾ فرعون شاهه خفرع جي ڪاهنن جو وڏو مقبرو هٿ ٿيو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب الجيزا ۾ ئي پوري دنيا جا مشهور اهرام ۽ ابو الهول ملن ٿا، قديمي آثارن جي سپريم ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل مصطفيٰ وزيري پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته مصري ماهرن فرعون جي پنجين خاندان جي 2 ڪاهنن جي گڏيل قبر هٿ ڪئي آهي.

ڊاڪٽر مصطفيٰ جو چوڻ هو ته اهي ٻئي شاهه خفرع جي عهد ۾ ڪيترن ئي عهدن تي رهيا، هڪ جو نالو بحنوي ڪا ۽ ٻئي جو نالو نوي هو.