والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ ٻه ڪشميري شهيد

news

سرينگر:(آچر 12 مئي 2019ع)  والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي  فوج جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي. جنهن سبب وڌيڪ 2 ڪشميري شهيد ٿي  ويا آهن.

ڪشميري ميڊيا موجب قابض ڀارتي فوج ضلع شوڀيان جي علائقي هند سيتا پوره کي ڪڙو چاڙهي گهر گهر تلاشي ورتي.

ڀارتي فوج آپريشن جي نالي تي فائرنگ ڪري 2 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب گذريل مهيني ڀارتي فوج 13 ماڻهن کي شهيد ڪيو هو، 182 ڄڻن کي گرفتار ۽ 132 کي گرفتاري کان پوءِ تشدد جو نشانو بڻايو هو.