پٿر تي گهڙيل لکت پڙهي ٻڌايو ۽ انعام ۾ ٽي لک حاصل ڪريو

news

پيرس: اڱارو 14 مٸي 2019ع: فرانس جي ڳوٺ ۾ هڪ تمام وڏي پٿر تي هڪ پراسرار لکت گهڙيل آهي پر هينئرتائين ماڻهو ان جو مطلب نه ڄاڻي سگهيا، هاڻ ڳوٺ وارن اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪوبه سال پراڻي ان لکت جو راز فاش ڪدنو ان کي 2250 آمريڪي ڊالر يا 3 لک روپيا انعام ڏنو ويندو.

اهو پٿر سمنڊ جي ڪناري موجود آهي جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ 20 سٽون لکيل آهن، ان تي هڪ جاءِ تي 1786 ۽ 1787 به لکيل آهي پر هينئر تائين ان جو راز هٿ نه ٿي سگهيو آهي، ان تي قديم ٻيڙن، ان جو عرشو ۽ هڪ دل جي تصوير به گهڙيل آهي.

مقامي عالمن ۽ ماهرن ان پراسرار لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هو اڃان به مفروضات جي حد تائين ئي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ڪجهه ماڻهن پٿر تي بي معنيٰ لفظ گهڙيا آهن جڏهن ته هڪ گروهه جو اصرار آهي ته اها لکت قديم بريٽن يا باسڪ ٻولي ۾ آهي.

فرانس جي ان ڳوٺ پلوگيسٽيل جو ميئر ڊومينيڪ ڪيپ چوي ٿو ته اسان تاريخدانن ۽ قديم آثارن جي ماهرن سان رابطو ڪيو پر ڪوبه پٿر تي لکت جو راز نه ڄاڻي سگهيو، هاڻ ان پيغام کي پڙهندڙ لاءِ انعام جو اعلان ڪيو پيو وڃي.