سنڌ يونيورسٽي جا ٻه ملازم لاڏاڻو ڪري ويا، سوٽا ۽ سيوا اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار

news

ڄامشورو: اربع 15 مٸي 2019ع:سنڌ يونيورسٽي جا 2 ملازم لاڏاڻو ڪري ويا آهن، سيوا ۽ سوٽا اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل پروسٽ آفيس ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سينيئر ملازم سينٽري ورڪر شوڪت شانا ۽ اي سي ٽو ۾ ڪم ڪندڙ سينيٽري ورڪر عرفان مسيح لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

سنڌ يونيورسٽي نوشهرو فيروز ڪئمپس جي پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم پرويز ميمڻ، سوٽا سيڪريٽري ڊاڪٽر عرفانه ملاح، سنڌ يونيورسٽي جي ايمپلائز ايسوسيئيشن سيوا جي صدر محمد علي گهانگهري، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي رستماڻي ۽ ٻين يونيورسٽي جي ٻن  ملازمن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.01