ميرپورخاص ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ۽ ناري پاران تحفظ لاءِ احتجاج

news

ميرپورخاص: خميس 16 مٸي 2019ع:هڪ سال اڳ فون تي دوستي ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي جي ڳوٺ گل واهڻ جي رهواسڻ جميلا ولد حبيب الله ساريو ميرپورخاص واسي محمد علي شيخ سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي جميلا ساريو چيو ته هڪ سال اڳ محمد علي سان فون  تي رابطو ٿيڻ بعد دوستي ٿي هئي، جنهن سان محبت ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي کان ميرپورخاص اچي پنهنجي مرضي سان محمد علي سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن بعد مائٽ زندگي جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ اسان دربدري ۽ خوف واري زندگي گذاري رهيا آهيون، مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، منهنجي مائٽن منهنجي مڙس تي ڪوڙو اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي، مڙس جي ٻن ڀائٽن کي گرفتار ڪرايو آهي، جن کي آزاد ڪرائي ڪيس ختم ڪيو وڃي.

ان موقعي تي محمد علي شيخ چيو ته پيار جي پرڻي بعد ناري جا مائٽ عبدالستار ۽ حبيب الله فون تي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ مون تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد لاڙڪاڻي جي پوليس دلبر مهر ٿاڻي جي پوليس سان گڏجي منهنجي ڳوٺ تي ڪاهه ڪري منهنجي ڀائٽن نائين ڪلاس جو شاگرد شاني، ڏهين ڪلاس جو شاگرد ڪرشن جوڳي ۽ منوج  کي گرفتار ڪيو.

جڏهن ته هڪ ڄڻي منوج کي رستي ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ٻن ڄڻن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. خدشو آهي ته کين ڪٿي مقابلو ڏيکاري ماريو نه وڃي. هن وڌيڪ چيو ته 4 سال اڳ اسلامي تعليمات کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو هو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01