ڪرپٽ ٽولي جي گڏ ٿيڻ تي ڪابه حيرت ناهي: وزيراعظم عمران خان

news

اسلام آباد(آچر 19 مئي 2019ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماڻهن کي بلاول ۽ مريم نواز جي افطار ڊنر ۾ ملڻ تي حيرت نه ٿيڻ گهرجي ڪرپٽ ٽولو گڏ ٿي رهيو آهي پر عوام سندن ساٿ نه ڏيندو.

وزيراعظم چيو ته سياسي مافيا معيشت جي ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿو پراڻي نظام مان فائدو وٺندڙ سياسي مافيا نئين نظام جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ چاهين ٿا.

وزيراعظ۾ چيو ته اسان 10 سالن دوران تباهه ڪيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون. ماضي جي غلط اقتصادي پاليسين سبب اڄ ملڪ جي اها حالت ٿي آهي جو سمورا چور گڏ ٿيڻ چاهين ٿا پر عوام سندن ساٿ نه ڏيندو.  هن چيو ته پاڪستاني عوام سان ڪڏهن به بيوفائي نه ڪندس، ڪرپٽ سياسي مافيا تازي اقتصادي بحران سان حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي. پشاور ۾ ڪي پي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته معيشت جي بحالي ڪرپٽ سياسي مافيا مان ڇوٽڪاري سان ئي ممڪن ٿيندي.

هن چيو ته ڪرپٽ سياسي مافيا تازي اقتصادي بحران سان حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، آءِ ايم ايف سان اسان سڀ کان سٺو ٺاهه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ٺاهه ۾ سخت شرط نه آهن، مان پاڪستاني عوام سان ڪڏهن بيوفائي نه ڪندس، ملڪ ۾ عارضي معاشي بحران آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته دوست ملڪ اسان جي مدد نه ڪن ها ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، چين سان معاهدي ۾ برآمد ۾ اضافو ٿيندو. 

هن چيو ته ڪرپٽ ٽولي جي گڏ ٿيڻ تي ڪابه حيرت ناهي، بلاول ۽ مريم هڪ ٻئي تي ڪرپٽ هئڻ جا الزام هڻندا هئا هاڻي افطاري تي گڏ ٿي رهيا آهن، مخالف ڌر پهرين ڏينهن کان ئي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي قبول نه ڪيو هو. ياد رهي ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي مخالف ڌر جون پارٽيون اسلام آباد ۾ افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪنديون.