مٽياري: سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيندڙ پنج ڄڻن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

news

مٽياري:(رپورٽ: طارق ميمڻ) سومر 20 مٸي 2019ع: سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيندڙ 3 عورتن ۽ 2 ٻارڙي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

ان سلسلي ۾ مٽياري ويجهو ڳوٺ مصري جکريجا ڀرسان 4 ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ماڇي برادريءَ جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. فوتين جي آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.

ياد رهي ته ٽئين ڏينهن تي وڌيڪ 5 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا هئا، جن ۾ مسمات گلزادي ماڇي، شهزادي ماڇي، قائم ماڇي، ٻن سالن جو عبدالوهاب ماڇي ۽ عمران ماڇي شامل هئا.

جڏهن ته باقي هڪ ٻارڙي جي جنازي نماز انڙپور واري علائقي ۾ ادا ڪئي وئي. اهڙي طرح ٻڏي ويلن جو انگ 8 ٿي ويو آهي.01