مورو ويجهو پلاسٽڪ سان ڀريل ٽرالر کي باهه، لکين رپين جو سامان سڙي رک

news

مورو: آچر 26 مٸي 2019ع:قومي شاهراهه تي نورپور ڀرسان پلاسٽڪ سان ڀريل ٽرالر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب ٽرالر ۾ پيل سامان جو وڏو حصو سڙي ويو.

جڏهن ته فائربرگيڊ جي گاڏين پهچي باهه تي ضابطو آندو، ٽرالر پلاسٽڪ جو سامان کڻي ڪراچي کان پنجاب وڃي رهيو هو، ٽرالر کي باهه لڳڻ سبب قومي شاهراهه تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.

باهه وسائڻ بعد ٽرئفڪ کي بحال ڪيو ويو. پوليس موجب ٽرالر ۾ پلاسٽڪ جي سامان سان گڏ آئل جا دٻا به هئا، جنهن ڪري لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو.01