مشهور اداڪار اجي ديوگن جو والد ديهانت ڪري ويو

news

ممبئي: سومر 27 مٸي 2019ع: مشهور اداڪار اجي ديوگن جو والد ويرو ديوگن اڄ دل بيهڻ سبب ديهانت ڪري ويو، ويرو ديوگن هڪ ڪامياب ۽ تجربيڪار هدايتڪار هو جنهن تقريبن 80 کان وڌيڪ فلمن جي هدايتڪاري ڪئي.

مشهور اداڪار اجي ديوگن جو والد ويرو ديوگن اڄ دل بيهڻ سبب ديهانت ڪري ويو، کيس ساهه گهٽجڻ جي شڪايت ٿي، جنهن تي کيس اسپتال آندو ويو پر بعد ۾ سندس دل بيهي وڃڻ سبب هو زندگي جي جنگ هارائي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ اجي ديوگن پنهنجي نئين فلم دي دي پيار دي جي پروموشنل تقريبن ۾ شرڪت نه ڪري رهيو هو جنهن جو سبب سندس والد جي طبيعت جي خرابي هئي. مرحوم ويرو ديوگن جي ڪامياب فلمن ۾ هندوستان ڪي قسم، دل والي ۽ همت والا جو نالو ذڪر جوڳو آهي.