اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ فارسي فارم جي رهواسين جو ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

news

اڏيرولال اسٽيشن: جمعو 31 مٸي 2019: اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ فارسي فارم جي رهواسين جو جان محمد عاقلاڻي، عبدالرحمان عاقلاڻي، مدد عاقلاڻي، غازي عاقلاڻي، بادل عاقلاڻي، مسمات آمي عاقلاڻي، مسمات رزني عاقلاڻي، مسمات لڇي عاقلاڻي، مسمات علاني عاقلاڻي، مسمات داتان عاقلاڻي ۽ ٻين يونين ڪائونسل اوڏيرولال اسٽيشن مان چونڊيل ڪائونسل ميمبر مٽياري محمد يوسف ڇٽو ۽ ٻين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته ضلعي ڪائونسل ميمبر يوسف ڇٽو کي ضلعي مٽياري مان ملندڙ سولر پليٽن، سلائي مشينن، نلڪن، فرش بندين سميت ٻين اسڪيمن ۾ اسان کي نظرانداز ڪري صرف پنهنجن کي نوازيو آهي.

احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته اسان سدائين پاڪستان پيپلز پارٽي جي نمائندن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي. هنن چيو هتان جي چونڊيل نمائندن سدائين اسان کي ئي نظر انداز ڪيو آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته گذريل چار سالن جي عرصي دوران اسان جي  ڪنهن به ڳوٺ ۾ نه روڊ مليو آهي نه ئي ٻيون اسڪيمون مليون آهن. هنن اهو به چيو ته اسان کي سکڻن آسرن تي رهايو ٿو وڃي.

هنن ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ ايم پي اي مخدوم الرفيق الزمان کان مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي ڪائونسل ميمبر يوسف ڇٽي جي  پنهنجا نواز پاليسي جو  نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان عيد کان پوءِ مخدوم هائوس آڏو احتجاج ڪري مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين.