خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

news

خيرپور ناٿن شاهه: سومر 03 جون 2019ع:خيرپور ناٿن شاهه ڳوٺ خوشحالاڻي گاڏهي جي رهواسين مردن ۽ عورتن زنيب گاڏهي، لطيفان گاڏهي، عنايت خاتون، عبدالفتاح گاڏهي، فداحسين پاڪ ڪتاب مٿي تي کڻـي پريس ڪلب ڪي اين شاهه اڳيان سخت احتجاج ڪيو، جتي هنن صحافين اڳيان دانهيون ته اسان پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ته پوليس اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري اسان جي ٻارڙن ۽ عورتن تي سخت تشدد ڪري اسان جو 80 هزار جو گڏهه به ماري ڇڏيو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته ڪي اين شاهه پوليس ايس ايڇ او اڪبر چنا ۽ سپاهي مختيار شاهه اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڏنو آهي، روز اسان جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري ٻارڙن ۽ عورتن تي سخت تشدد ڪن ٿا.

هنن الزام هڻندي چيو ته ڪي اين شاهه پوليس روز رات جو اسان جي ڳوٺ مٿان ريٽ ڪري انڌا ڌند فائرنگ ڪري سڄي ڳوٺ ۾ خوف ۽ حيراس پکيڙيو آهي، اسان ڏوهاري نه آهيون ۽ نه ئي اسان تي ڪو به ڪيس داخل آهي.

ڪي اين شاهه پوليس اسان جي ڳوٺ کان ڪجهه پنڌ اڳتي ڳوٺ سلطان چانڊيو جي بااثر ماڻهو جي چوڻ تي اسان کي تنگ ڪري ٿي، اسان اعليٰ اختيارين ايس ايس پي دادو، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين وس وارن قانوني ادارن کان مطالبو ٿا ڪيون ٿا فوري طور تي بدمست ايس ايڇ اڪبر چنا ۽ ان جي سپاهي مختيار شاهه جي بدلي ڪري اسان کي سک سان جئيڻ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي ٻارڙن سميت انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين.01