پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين جو پاڪستان پاران انگلينڊ خلاف ميچ کٽڻ تي ڏهه هزار ڊالر جو اعلان

news

لاهور: (اڱارو 04 جون 2019ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اشرف انگلينڊ جي خلاف قومي ٽيم جي فتح تي ٽيم جي لاءِ  10 هزار ڊالر جوا علان ڪيو آهي.

ميڊيا جي رپوٽ موجب اڳوڻي چيئرمين پي سي بي ڊاڪٽر نسيم اشرف چيو آهي ته قومي ٽيم جي شڪست تي گهڻي تنقيد ۽ طعنا نه ڏيڻ گهرجن پر پنهنجي ٽيم جي همٿ وڌائڻ گهرجي.

هن چيو ته قومي ٽيم جي لاءِ 10 هزار ڊالر جو اعلان ڪندي چيو ته هي رقم پاڪستان جي ٽيم جي حوصله افزائي جي لاءِ آهي.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ 2019 ۾ پاڪستان کي پنهنجي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي هٿان هار کي منهن ڏيڻو پيو هو. پر گذريل ڏينهن ورلڊ ڪپ جي فيوريٽ انگلينڊ جي خلاف قومي ٽيم 14 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.