ڀارت مودي ۽ وزيراعظم عمران خان جي وچ ۾ ملاقات جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

news

نئين دهلي: (جمعو 07 جون 2019ع) ڀارت  شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ نريندر مودي ۽ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي وچ ۾ ملاقات جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي پرڏيهي وزير جي ترجمان رويش ڪمار جو چوڻ آهي ته ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ 13 ۽ 14 جون تي ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ نريندر مودي ۽ وزيراعظم عمران خان جي وچ ۾ ڪنهن به ملاقات جو امڪان ناهي.

هن چيو ته پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري جو ڀارت جو دورو خانگي هو. پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري سان ڪابه ملاقات طئي ٿيل نه هئي.