نئون ڪوٽ ويجهو اڻڄاتل پيرسن جو لاش هٿ

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نهڙيو) جمعو 07 جون 2019ع:وڄوٽو پوليس جي حد نئون ڪوٽ مٺي روڊ تي ڳوٺ نواب اوٺو وٽ اڻڄاتل ملنگ جو لاش هٿ، ڳوٺاڻن لاش ڏسي وڄوٽو پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سڃاڻپ لاءِ ٿاڻي تي کڻائي آئي، جڏهن ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ملنگ ڪافي وقت کان هن روڊ تي هلندي ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد اوليا لالو فقير ۾ مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.01