هلندڙ مالي سال جو اقتصادي سروي اڄ جاري ڪيو ويندو

news

اسلام آباد: (سومر 10 جون 2019ع) هلندڙ مالي سال جو اقتصادي سروي اڄ جاري ڪيو ويندو. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي دوران اقتصادي ترقي سميت ڪوبه معاشي حدف حاصل نه ٿي سگهيو آهي.

تفصيل موجب هلندڙ مالي سال جو اقتصادي سروي اڄ جاري ڪيو ويندو. اقتصادي سروي مالي سال 19-2018 جا اهم نڪتا ملي ويا آهن. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي دوران اقتصادي ترقي سميت ڪوبه معاشي حدف حاصل نه ٿي سگهيو آهي.

اقتصادي ترقي 6.2 فيصد جي ابتڙ 3.3 فيصد رهي. هلندڙ مالي سال جي دوران زرعي شعبي جي پيداوار 3.8 فيصد هدف جي ابتڙ 0.8 فيصد تائين محدود رهي. اهم فصلن جي پيداوار 3 فيصد هدف جي ابتڙ منفي 6.5 فيصد رهي. متفرق فصلن جي پيداوار ساڍا ٽي فيصد حدف جي ابتڙ 1.9 فيصد رهي. اقتصادي سروي جي موجب  ڪپهه جي پيداوار 8.9 فيصد جي مقرر هدف جي ابتڙ منفي 12.9 فيصد رهي. لائيو اسٽاڪ جي پيداوار 3.8 فيصد مقرره هدف جي ابتڙ 4 فيصد رهي. ٻيلي کاتي جي پيداوار ساڍا اٺ فيصد  هدف جي ابتڙ ساڍا ڇهه فيصد رهي.

اقتصادي سروي موجب ٽرانسپورٽ، اسٽوريج ۽ ڪميونيڪيشن ۾ 4.9 فيصد مقرر هدف جي ابتڙ 3.3 فيصد ترقي ٿي. فنانس اينڊ انشورنس 7.5 فيصد مقرر هدف جي ابتڙ 5.1 فيصد  ترقي ٿي سگهي.  هائوسنگ سروس ۾ ترقي چار فيصد جي مقرره حدف جي برابر رهي. جڏهن ته جنرل گورنمنٽ سروس 7.2 فيصد مقرر حدف جي ابتڙ 7.9 جي حساب سان اضافو ٿيو.