عدنان سميع جو به ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ: وزيراعظم عمران خان جي تصوير لڳائي وئي

news

ممبئي: (اربع 12 جون 2019ع)  بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن جي ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ کان پوءِ هاڻ عدنان سميع جو به ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو آهي ۽ ان جي پروفائيل تي به عمران خان جي تصوير لڳائي وئي آهي.

ترڪ هيڪر اميتاب بچن کان پوءِ هاڻ ڀارتي ڳائڻي عدنان سميع جو به ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو آهي. هيڪر طرفان پروفائيل تي وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي تصوير لڳائي وئي ۽ تصوير جي هيٺيان نالي سان گڏ ترڪي زبان ۾ پاڪستان سان محبت جو اظهار به ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ پاڪستان ۽ ترڪي جو جهنڊو به لڳايو ويو. هيڪرز پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هڪ تصوير به پوسٽ ڪئي ۽ ان سان گڏ ئي هن عدنان سميع جي طرف اشارو ڪندي  لکيو آهي ته جنهن اسان جي پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان غداري ڪئي اهو سمجهي وڃي ته هو هاڻ پاڪستاني وزيراعظم ۽ پاڪستاني جهنڊي کي پنهنجي پروفائيل تصوير جي طور تي ڏسندو.

هيڪرز طرفان اهو به چيو ويو ته ياد رکو ته سچائي جيڪا آهي اها هڪ نظر نه ايندڙ فوج هوندي آهي. جنهن تي ڪجهه صارفين جي طرفان  حمايت به ڪئي وئي ۽ ان طرفان هيڪرز جي مدد ڪرڻ جي به پيشڪش ڪئي وئي.  هيڪرز عدنان سميع جي اڪائونٽ تي پنهنجي ٽئين ٽوئيٽ ۾ فٽبال سان گڏ پنهنجي ۽ ترڪي جي مونوگرام تي ٻڌل تصوير پوسٽ ڪئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اميتاب بچن جي اڪائونٽ تي ڪيل ٽوئيٽ به هتي پوسٽ ڪندي چيو ويو ته هي پوري دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته اسان آئس لينڊ جي طرفان ترڪي جي فٽ بالرن سان ناروا سلوڪ جي مذمت ڪريون ٿا. اسان نرمي سان ته ڳالهايون ٿا پر پاڻ سان گڏ هڪ لٺ به رکون ٿا ۽ اتي هڪ وڏي سائبر حملي بابت به اوهان کي آگاهه ڪريون ٿا.