جسٽس يحيٰ آفريدي جي معذرت: شهباز شريف ۽ فواد حسن جي ضمانت رد جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽي ويو

news

اسلام آباد: :(خميس 13 جون 2019ع)  مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي ضمانت رد بابت اپيلن تي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽٽي ويو.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحيٰ آفريدي شهباز شريف ۽ فواد حسن فواد جي ضمانت رد بابت اپيلن جي ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نيب جي طرفان داخل اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي ته ان موقعي تي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته فواد حسن فواد  منهنجو ويجهو رهندڙ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارو آهي ان لاءِ آئون هن ڪيس جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهان.

جسٽس يحيٰ آفريدي جي معذرت کان پوءِ شهباز شريف ۽ فواد حسن فواد جي ضمانت رد بابت اپيلن تي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ٽٽي ويو. سپريم ڪورٽ جي نئين بينچ جي جڙڻ کان پوءِ اپيلن تي ٻيهر ٻڌڻي ٿيندي.

ياد رهي ته آشيانه هائوسنگ ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري چڪي هئي جنهن کي نيب سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري رکيو هو.