ام رباب پاران جج آنند رام تي بي اعتمادي ظاهر، قتل ڪيس ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

news

سکر: آچر 16 جون 2019ع: ميهڙ جي نياڻي امِ رباب سندس ٽن گهرڀاتين جي قتل واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج آنند رام تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي.

اُمِ رباب طرفان ڪيس اي ٽي سي سکر مان ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

اهڙي درخواست داخل ٿيڻ کانپوءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طرفان ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

اُمِ رباب درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اي ٽي سي جو جج ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي تڪ جو ووٽر آهي، تنهن ڪري ڪارروائي هِن عدالت ۾ نه هلائي وڃي.

هُن چيو ته جوابدار سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو بااثر هجڻ ڪري هتي ڪيس جي پيروي ڪرڻ دوران زندگي کي خطرو آهي.01