ميهڙ ۾ شهرين پاران نينگر سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جاري

news

ميهڙ: سومر 17 جون 2019ع:ميهڙ جي سماجي اڳواڻ پرائمري استاد عبدالستار عباسي جي معصوم پٽ سان ڏاڍائي ڪندڙ مک جوابدار قدير تيوڻو، احمد چنا، ڏاڏو اوڍاڻو جي گرفتاري لاءِ اڄ 27 ڏينهن به ميهڙ جي سول سوسائٽي جي سڃاڻ ڌرين شھري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين سيٺ علي انور شيخ، شاهد نوناري، مخدوم عدنان مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج جاري رکيو.

هنن مطالبو ڪيو ته جيستائين معصوم نينگر سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيندا، سندن احتجاج جاري رهندو.

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ  ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته ميهڙ ۾ معصوم نينگر سان ڏاڍائي ڪندڙ منظم سماجي ڏوهاري آھن، جيڪي ڪيترن ئي معصوم نينگرن سان زيادتين ۾ ملوث آھن، انهن کي گرفتار ڪرائي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي کين سزائون ڏنيون وڃن.

هنن چيو ته جيستائين واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار نه ٿيندا، سندن علامتي بک هڙتال جاري رهندي.01