سکر پريس ڪلب کي سيل ڪرڻ وارو معامرو انتهائي دل ڏکائيندڙ ھو: ام رباب چانڊيو

news

سکر: سومر 17 جون 2019ع:سکر ۾ ميھڙ واسڻ سنڌ جي بهادر نياڻي ام رباب چانڊيو پريس ڪلب جو دورو ڪري صحافين کي مبارڪون ڏنيون.

ميهڙ واسڻ سنڌ جي بهادر نياڻي ام رباب چانڊيو سکر پريس ڪلب پهچي جنرل سيڪريٽري نصرالله وسير پي ايف يو جي جي ايف اي سي ميمبر سحرش کوکر ۽ ٻين صحافين، ڪئمرامينن ۽ فوٽوگرافرن سان ملاقات ڪري کين سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد سکر پريس ڪلب کولي صحافين حوالي ٿيڻ جي مبارڪ ڏني.

ام رباب ڳالهائيندي چيو ته سکر پريس ڪلب کي سيل ڪرڻ وارو معامرو انتهائي دل ڏکائيندڙ ھو. هن چيو ته هو سکر پريس ڪلب جي صحافين سان هر ڏک سک جي گهڙي ۾ گڏ آھي. ان موقعي تي وسطڙو، شاهنواز شر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.01