ڊپٽي چيئرمين نيب حسين اصغر کي جاچ ڪميشن جو سربراهه بنائڻ جو فيصلو

news

اسلام آباد: (اڱارو 18 جون 2019ع)  حڪومت نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر کي ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 

وزيراعظم عمران خان بجيٽ کانپوءِ قوم کي خطاب ۾ 10 سالن دوران اڳوڻي حڪومتن لاءِ قرضن جي جاچ لاءِ ڪميشن بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو جيڪا قرضن جي استعمال ۽ ڪرپشن جي جاچ ڪندي.  ذريعن موجب نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر کي ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حسين اصغر اڳوڻو پوليس آفيسر آهي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن پنجاب سميت ايف آءِ اي ۾ به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.

ذريعن موجب حڪومت ڊپٽي چيئرمين نيب حسين اصغر کي جاچ ڪميشن جو سربراهه بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حسين اصغر کي ڪميشن جو چيئرمين بنائڻ جو فيصلو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جڏهن ته امڪان آهي ته حسين اصغر ڊپٽي چيئرمين نيب جو عهدو ڇڏي ڏئي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل 10 سالن جي دوران  مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ جي دور حڪومت ۾ ملڪ تي 24 هزار ارب روپين جو قرض چڙهڻ جي جاچ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميشن بنائڻ جو اعلان ڪيو هو.

وزيراعظم عمران خان چيو هو ته هاڻ پاڪستان استحڪام جي طرف وڌي رهيو آهي. گذريل ڏينهن حڪومتن جي خلاف هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن جوڙڻ وڃي رهيا آهيون. جنهن ۾ ايف آءِ اي، آءِ بي، آءِ ايس آءِ، ايف بي آر، ايس اي سي پي ۽ ٻيا ادارا شامل هوندا جيڪي جاچ ڪندا.