آمري ۾ نوجوان جي قتل وارو معاملو: جوابدار ايس ايس پي آفيس پھچي گرفتاري ڏئي ڇڏي، ڏوھ جو اعتراف

news

ڄامشورو:اڱارو 18 جون 2019ع: ڪجھ ڏينھن اڳ آمري ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيل نوجوان امتياز شاھ جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اياز شاھ پٽ جيئندل شاھ پاڻمرادو گرفتاري ڏئي ڇڏي آھي.

اياز شاھ ايس ايس پي ڄامشورو آفيس پھچي گرفتاري پيش ڪئي، جتي ھن پنھنجي ڏوھ جو اعتراف ڪندي چيو ته آڌي رات جو امتياز شاھ کي پنھنجي گھر ۾ اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي غيرت ۾ اچي قتل ڪيو.

جڏھن ان کان پھريان به امتياز شاھھ جي حرڪتن بابت سندس والدين کي پڻ شڪايتون ڪيون ھيون.

ايس ايس پي ڄامشورو اياز شاھ کي آمري ٿاڻي جي ايس ايڇ او سجاد ڳنڀير حوالي ڪري ڇڏيو، امڪان آھي تھ سڀاڻي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.01