شادي کانپوءِ وزن ۾ واڌ جا سبب

news

حيدرآباد: اڱارو 18 جون 2019ع: ٿولهه جي حوالي سان فڪرمند رهندڙن لاءِ شادي ڀوائتو خواب به ثابت ٿي سگهي ٿي، سوئٽزرلينڊ جي باسل يونيورسٽي جي تحقيق موجب ڪنوارن ماڻهن جي مقابلي ۾ شادي شدا جوڙن جو جسماني وزن وڌيڪ هوندو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شادي شدا جوڙا ڪنواري ماڻهو جي مقابلي ۾ ايوريج کان وڌيڪ بهتر کائيندا آهن ۽ جسماني طور تي گهٽ متحرڪ هوندا آهن ان لاءِ انهن ۾ جسماني وزن وڌڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.

تحقيق دوران 9 يورپي ملڪن جي شادي شدا جوڙن ۽ ڪنوارن ماڻهن جي جسماني وزن يا باڊي ماس انڊيڪس جي ڀٽ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته پوري زندگي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل ماڻهو اڪيلن ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ غذا جو استعمال ڪندا آهن.