سون جي قيمت تاريخ جي سڀ کان مٿانهين سطح ستهتر هزار ٽي سئو روپيا في تولي تائين پهچي وئي

news

ڪراچي: جمعو 21 جون 2019ع: عالمي مرڪيٽ ۾ سون جي قيمت 5 سالن جي سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي وئي جنهن کانپوءِ مقامي سطح تي به سون جي قيمت تاريخ جي سڀ کان مٿانهين سطح 77 هزار 300 روپيا في تولو ۽ 66 هزار 272 روپيا 10 گرام تائين پهچي وئي.

رپورٽ موجب عالمي مارڪڊ ۾ ڊالر هڪ ڏينهن ۾ 28 ڊالر في اونس واڌ سان هڪ هزار 386 ڊالر اونس جي سطح تي اچي ويو جيڪو بعد ۾ هڪ هزار 383 ڊالر تي اچي ويو، جڏهن ته ڊالر ۾ تيزي سان گهٽتائي جي ڪري ٿيندڙ اها واڌ مارچ 2014ع کانپوءِ کان سڀ کان وڌيڪ هو.

ڊيلرز مقامي سطح تي قيمتن م واڌ کي عالمي قيمتن سان جوڙين ٿا جيڪا پهرين جنوري تي موجود هڪ هزار 283 ڊالر في اونس کان هڪ هزار 386 ڊالر  تائين وڌي وئي.

ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ 28 ڊالر في اونس واڌ کانپوءِ آل سنڌ صرافا ايسوسئيشن به سون جي في تولو قيمت ۾ 1800 ۽ 10 گرام جي قيمت ۾ هڪ هزار 152 جي واڌ ڪري ڇڏي.

قيمتن ۾ جاري واڌ کانپوءِ واهپيدارن به سون جي زيورن جي خريداري گهٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ هو جاري شادي سيزن ۾ ٿيندڙ تقريب لاءِ هٿرادو ۽ چاندي جا زيور خريد ڪري رهيا آهن.