ٽنڊوڄام ۾ نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي زخمي، اسپتال منتقل

news

ٽنڊوڄام: آچر 30 جون 2019ع:ٽنڊوڄام جي صحافي عمران علي سوهو جي ڀاءُ ڪامران سوهو کان موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش. مزاحمت تي ڦورن هٿان زخمي. اسپتال منتقل. ايس ايس پي حيدرآباد واقعي جو نوٽيس ورتو.

خبر موجب گذريل رات دير سان راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ چئنل موري ويجهو 4 اڻڄاتل ڦورن موٽر سائيڪل سوار تي ٽنڊوڄام جي صحافي عمران علي سوهو جي ڀاءُ ڪامران سوهو کي هٿيارن جي زور تي روڪي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورو نوجوان ڪامران سوهو کي ڳچي ۾ خنجر هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.

زخمي ڪامران سوهو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ٽنڊوڄام جي صحافين واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي حيدرآباد واقعي جو نوٽيس وٺندي واردات ۾ ملوث ڦورن کي فوري گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جڏهن ته ڊي ايس پي ٽنڊوڄام مختيار ساريو صحافي عمران سوهو سان ملاقات ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.01