واٽس ايپ استعمال ڪرڻ صحت لاءِ فائديمند

news

نيويارڪ: سومر 01 جولاءِ 2019ع: سوشل ميڊيا تي وقت گذارڻ صحت لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو ويندو آهي پر چٽ چيٽ لاءِ موجود سوشل ميڊيا ايپ واٽس ايپ  تي ڳالهه ٻولهه کي هڪ تحقيق ۾ صحت لاءِ فائديمند قرار ڏنو ويو.

هاڻوڪي تحقيق موجب واٽس ايپ تي وقت گذارڻ صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. صحت جي بهتري جي اها ترڪيب ايج اهل يونيورسٽي جي تحقيق ڪندڙن پيش ڪئي آهي جن جي اها دعويٰ آهي ته واٽس ايپ جو وڌ کان وڌ استعمال انساني صحت لاءِ فائديمند آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته واٽس ايپ تي روزانو ماڻهو جيترو وقت گذاريندا آهن، اهو ايترو ئي پاڻ کي گهٽ اڪيلو سمجهندا آهن جڏهن ته خوداعتمادي ۾ به واڌ ٿيندي آهي جنهن جو سبب پنهنجن دوستن ۽ گهروارن سان قربت جو احساس وڌڻ آهي.

تحقيق موجب واٽس ايپ جي استعمال سان سماجي تعلق ۾ مضبوطي اهو احساس آهي جيڪو ذهني شخصيت تي سٺو اثر وجهي ٿو.