ليٽي موبائل فون استعمال ڪرڻ اکين ۽ دماغ لاءِ خطرناڪ

news

حيدرآباد: جمعو 05 جولاءِ 2019ع: هاڻوڪي دور ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شخص هجي جيڪو سمارٽ فون استعمال نه ڪندو هجي ۽ خاص طور تي پنهنجي بستري  تي ليٽي ان جو استعمال نه ڪندو هجي پر اهو ڄاڻن جي ضرورت آهي ته اهڙي طرح جو عمل اوهان جي صحت لاءِ ڪيترو نقصانڪار آهي. 

ڪيليفورنيا يونيورسٽي موبائل فون جي استعمال بابت هاڻوڪي تحقيق ۾ واهپيدارن کي خبردار ڪيو آهي ته ليٽي موبائل فون جو استعمال جسم ۽ دماغ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. 

تحقيق ۾ ٻڌايو يوو آهي ته سمارٽ فون جي اسڪرين مان خ ارج ٿيندڙ شعاع اکين کي متاثر ڪن ٿا ۽ دماغ کي جاڳڻ تي مجبور ڪن ٿا.

تحقيصق موجب جيڪڏهن اوهان جي ننڊ متاثر ٿئي ٿي ۽ اوهان 5 کان 6 ڪلاڪ ئي سمهي سگهو ٿا، ان جي نتيجي ۾ ننڊ دوران جسم اندر زهريلي مادي جي صفائي جو عمل مناسب طريقي ناهي ٿي سگهندو.

اها زهريلا اثر وري جسم جي اندر موجود رهن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ توجهه مرڪوز ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي، مختصر مدي جي يادداشت تي اثر پيدا ٿي سگهن ٿا، مسئلن جو ڪڍڻ جي صلاحيت به ناقص ٿي سگهي ٿي.

گهٽ ننڊ جو نتيجو ماڻهن جي نادر نقصانڪار غذا جي استعمال جو رجحان به وڌائي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ ٿولهه، شوگر ۽ بلڊ پريشر جهڙين بيمارين جو خطرو وڌي ويندو آهي.