والاريل ڪشمير ۾ نوجوان ڪمانڊر برهان واني جي اڄ ٽئين ورسي ملهائي پئي وڃي

news

سرينگر: (سومر 08 جولاءِ 2019ع)  والاريل وادي ڪشمير ۾ حزب المجاهدين سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪمانڊر برهان واني جي اڄ ٽئين ورسي ملهائي پئي وڃي. آزادي جي تحريڪ جي ڪمانڊر شهيد برهان واني جي ٽئين ورسي تي ڀارتي فوج والاريل ماٿري ۾ ڪرفيو لاڳو ڪندي قبرستان کي به سيل ڪري ڇڏيو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب شهيد ڪمانڊر برهان واني جي ٽئين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ حريت قيادت هڙتال ۽ مظاهرن جو سڏ ڏنو آهي جنهن کانپوءِ ماٿري ۾ قابض ڀارتي فوج مڪمل شٽر ڊائون ڪري ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن موجب شهيد برهان واني جي ٽئين ورسي جي مناسبت سان سموري ماٿري ۾ شهيد جون تصويرون ۽ پوسٽر هنيا ويا آهن، جڏهن ته بوکلائپ جو شڪار ڀارتي فورسز پوسٽر لڳائڻ جي الزام ۾ ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ماٿري ۾ وڏي انگ ۾ پوليس ۽ فوج جي نفري مقرر آهي جڏهن ته اسلام آباد، پلواما، ڪلگام ۽ شوپيان ۾ انٽرنيٽ سروس بند آهي. قابض انتظاميا برهان واني جي گهر ۽ ترال ۾ قائم شريف آباد جي قبرستان کي به سيل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته برهان واني جي گهر ڏانهن ايندڙ رستن کي به ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڀارتي فوج ڪشميري اڳواڻ برهان مظفر واني کي اٺ جولائي 2016ع تي گهيراءُ ۽ تلاشي جي هڪ ڪارروائي دوران ٻن ساٿين سميت شهيد ڪري ڇڏيو هو.