آمريڪا واسڻ ناري نوابشاهه پهتي، نوجوان سان پيار جو پرڻو

news

نوابشاهه: اڱارو 09 جولاءِ 2019ع:سائوٿ آمريڪا جي نوجوان ناري ڪلائوڊيا نوابشاهه جي علائقي رانگڙ محلو ڪيمپ نمبر2 جي رهواسي نوجوان راشد رسول راجپوت سان فيس بُڪ تي دوستي کانپوءِ نوابشاهه پهچي شريتي محمدي موجب نڪاح ڪري شادي ڪري ڇڏي نوجوان ناري ميڊيا کي ٻڌايو ته مان موسميات کاتي ۾ ايم اي پاس آهيان ۽ ڪالٽيڪس ڪمپني جي تعليمي اداري ۾ ليڪچرار آهيان ۽ مون پنهنجي تعليم نيشنل ارجنٽينا ڪاليج سائوٿ آمريڪا مان حاصل ڪئي آهي.

هن چيو ته منهنجو اسلامي نالو خديجه رکيو ويو آهي. هن چيو ته منهنجو والد گوجي وو ريسوفينسينو رٽائرڊ انجنيئر آهي ۽ منهنجو ڀاءُ جج آهي، نوجوان راشد رسول راجپوت ٻڌايو ته هن سان ٽن سالن کان دوستي جو رشتو آهي.

هن چيو ته مان فيس بُڪ تي اسلامي پوسٽون شيئر ڪندو هئس جنهن مان هي متاثر ٿي سائوٿ آمريڪا مان نڪري اچي مونسان شادي ڪئي آهي ۽ اسان ٻئي ڏاڍا خوش آهيون هن چيو ته اسان جو نڪاح مولوي عبدالمجيد آرائين پڙهيو آهي.01