محمد بخش خان مهر گهوٽڪي واسين لاءِ آئيڊل آهي: سردار سجاد سومرو

news

گهوٽڪي: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع:پ پ اڳواڻ سردار سجاد سومرو چيو آهي ته سردار محمد بخش خان مهر باصلاحيت سياستدان آهي، هو نوجوانن لاءِ اتساهه جي علامت بڻجي اڀريو آهي، هن جي ڪاميابي سان گهوٽڪي ۾ تمام گهڻي ترقي ٿيندي. اهڙي خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي ۾ سومرا برادري جي هڪ جلسي دوران ڪيو. 

جلسي ۾ گهوٽڪي، ڏهرڪي، اوٻاوڙي، ميرپور ماٿيلي ۽ سرحد سميت مختلف هنڌن کان سومرا برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. سومرا برادري پاران پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر جي مڪمل حمايت جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

جلسي کي خطاب ڪندي  سردار سجاد حسين سومري چيو ته هو چيف سردار محمد بخش خان مهر کي ايوان ۾ ڏسڻ چاهي ٿي ڇو ته هي نوجوان ۽ باصلاحيت سياستدان آهي ئي صحيح نموني سان گهوٽڪي جي ماڻهن جي خدمت ڪري سگهي ٿو هن چيو ته محمد بخش خان مهر گهوٽڪي واسين  لاءِ آئيڊل آهي خاص طور تي نوجوانن لاءِ اتساهه جي علامت بڻجي اڀريو آهي.

ان موقعي تي سردار محمد بخش خان مهر پڻ سردار سجاد سومرو سميت سومرا برادري جي ماڻهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته سومرا برادري جي مثبت موٽ ۽ ڀرپور سهڪار سان ڪاميابي ماڻينداسين. سمورا برادري جي هر ڏک توڙي سک ۾ گڏ رهنداسين. ان موقعي تي نثار کهڙو ، گل محمد جکراڻي ۽ ٻيا ڳواڻ  پڻ جلسي ۾ شريڪ هئا.01