لاڙڪاڻو ۾ ايڪسائيز کاتي جي ڪارروائي، اربين رپين جي هيروئن هٿ، جوابدار گرفتار

news

لاڙڪاڻو: آچر 14 جولاءِ 2019ع:ايڪسائيز کاتي لاڙڪاڻي اربين روپين جي ماليت جي اعليٰ ڪوالٽي جي هيروئن ڪراچي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ اهم جوابدار کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ڪيل ٽرڪ قبضي ۾ ورتي آهي.

تفصيل موجب ايڪسائيز پوليسڪشمور ايڪسائيز انسپيڪٽر شمس الدين جي قيادت ۾ ڪشمور چيڪ پوسٽ تي وردڪ پيٽرول پمپ جي ويجهو هڪ مشڪوڪ ٽرڪ نمبر 1416 جي تلاشي جي دوران ٻورين ۾ لڪايل 336 ڪلو گرام اعليٰ ڪوالٽي جي هيروئن برآمد ڪئي.

واضع رهي ته پڪڙيل هيروئن جي ماليت بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ اربين روپيا ٻڌائي پئي وڃي. ڄاڻايل هيروئن ضلعي بونير  ڪي پي ڪي کان ڪراچي اسمگل ٿي رهي هئي. ايڪسائيز پوليس هڪ جوابدار ساحل پٺاڻ کي گرفتار ڪري ان خلاف ڪيس داخل ڪري انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي.

صوبائي وزير ايڪسائيز  اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات ۽ پارلياماني امور مڪيش ڪمار، سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات عبدالرحيم شيخ ۽ ڊائريڪٽر جنرلز شبير احمد شيخ ۽ شعيب احمد صديقي ايڪسائيز کاتي جي ان وڏي ڪاميابي تي ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ ٽيم کي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهي ان جذبي سان ڪم ڪندي سنڌ صوبي ۾ منشيات آڻڻ جي هر ڪوشش ناڪام بڻائيندا.

هنن وڌيڪ چيو ته ايڏي وڏي مقدار ۾ هيروئن جو پڪڙجڻ ايڪسائيز کاتي سنڌ جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته منشيات هڪ زهر آهي ۽ نوجوان نسل ۾ اهو زهر ڦهلائڻ وارا ملڪ ۽ قوم جا بدترين دشمن آهن ۽ اسان انهن دشمنن جي خلاف پنهنجي جنگ جاري رکنداسين.01