ڀارت ۾ چوماسي جي برساتن سبب يارنهن ڀارتي فوجي ۽ ٻه شهري فوت

news

شملا: (سومر 15 جولاءِ 2019ع) ڀارت ۾ چوماسي جي برساتن دوران هڪ جڳهه  ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 فوجي ۽ 2 شهري فوت ٿي ويا. جڏهن ته جڳهه جي ملبي هيٺيان 5 فوجي اهلڪارن ۽ 12 شهرين کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ٻن ڏينهن کان هلندڙ تيز برساتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. جنهن سبب تازي واقعي ۾ اترين رياست هماچل پرديش ۾ جڳهه ڪرڻ سبب 6 فوجي  اهلڪار ۽ 2 شهري فوت ٿي ويا. اهڙي طرح ٻن ڏينهن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 51 ٿي ويو آهي. ڀارتي ريسڪيو اداري اين ڊي آر ايف جي اهلڪارن جڳهه جي ملبي مان 5 فوجي اهلڪارن ۽ 12 شهرين کي زنده ڪڍي ورتو آهي جنهن کي ويجهين اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. 6 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته نيپال کان ڀارت ۾ داخل ٿيندڙ برساتن سبب مختلف رياستن ۾ گڏيل طور تي 45 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ شهري بي گهر ٿي ويا آهن. سڀني کان وڌيڪ نقصان آسام ۾ ٿيو جتي فوت ٿيندڙن جو تعداد 11  آهي. جڏهن ته موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برساتن جي جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي شهرين کي بنا ضروت جي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ريسڪيو ادارن جو چوڻ آهي ته گهڻيون فوتگيون گهرن جون ڀتون ڪرڻ ۽ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيون آهن.