يو اي اي پاران مريخ تي کجور جو وڻ پوکڻ جو منصوبو

news

دبئي: اڱارو 23 جولاءِ 2019ع: يو اي اي مريخ تي کجور جو وڻ پوکڻ جي منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل عرب امارتن جي هوائي علم بابت ايجنسي کجور جون ککڙيون خلا ۾ روانيون ڪيون آهن.

مهم جو مقصد جائزو وٺڻ آهي ته خلا جي ماحول جو ککڙين تي ڪهڙو اثر پوي ٿو، سائنسي بنيادن تي جائزو ورتو ويندو ته ڇا مريخ تي کجور جو وڻ پوکجي سگهي ٿو يا نه.

هوائي علمن بابت اماراتي ايجنسي کجور جون ککڻيون عالمي خلائي اسٽيشن تي روانيون ڪيون آهن، سائنسي تجربو هوائي علمن جي ماهرن، اماراتي يونيورسٽي جي تحت خوراڪ ۽ زراعت ڪاليج جي تعاون سان ڪيو پيو وڃي.

اماراتي ماهرن جو چوڻ آهي ته کجور جون ککڙيون آمريڪي رياست فلوريڊا کان روانيون ڪندڙ راڪيٽ سان موڪليون وينديون، اهو راڪيٽ هوائي اسٽيشن تي خوراڪ پهچائڻ وڃي رهيو آهي.

کجور جي ککڙين کي اسپيس اسٽيشن جي ليبارٽري ۾ جائزي لاءِ رکيو ويندو ته جيئن اندازو لڳائي سگهجي ته ڇڪڻ واري ڪشش جي غير موجودگي ککڙين تي ڪهڙو اثر ڪري رهي آهي.

هن جو وڌيڪ جو چوڻ هو ته تجرباري مرحلو پورو ٿيڻ کانپوءِ ککڙين کي ٻيهر زمين طرف روانو ڪيو ويندو ته جيئن اهڙي طرح جي ماحول ۾ پوکيو وڃي جيڪڏهن تجربو ڪامياب ٿي ويو ته مريخ ۾ کجور جو وڻ پوکڻ ۾ مدد ملندي.