نوابشاهه ۾ جنڊ آوڙا برادري جو ناري جي اغوا خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: آچر 04 آگسٽ 2019ع:افضال شاهه ٽائون نوابشاهه جا رهواسي جمنا زال هيمو جنڊ آوڙو پنهنجي پُٽ ڪانيو ۽ پنهنجي عزيز مول چند سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته سندس شادي شده نياڻو مڪيش هٿيارن جي زور تي منهنجي نوجوان نياڻي حنا کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته مڪيش جي شادي منهنجي وڏي نياڻي نازيه سان ٿيل آهي، جنهن مان هن کي ٻه ٻار آهن. هن چيو ته منهنجي ساڳي نياڻي حنا کي چار مهينا اڳ ۾ به اغوا ڪري کڻي ويو هو ۽ اسان نياڻي واپس ڪرائي، جنهن جو فيصلو شمس الدين ڪيريو سڪرنڊ ۾ ڪيو هو، جنهن جو ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ مڪيش مٿان وڌو ويو.

جنهن ۾ هن اڌ ڏنڊ جا پيسا ڏئي ڇڏيا هئا، وري ٻيهر منهنجي نياڻي کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي، روڪ رقم پڻ کڻي ويو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي نياڻي واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01