ڀارت جي ڪنهن به مهم جو ستاويهه فيبروري کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو: آءِ ايس پي آر

news

راولپنڊي: جمعو 09 آگسٽ 2019ع: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي ڪنهن به مهم جو 27 فيبروري کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو.

ڀارتي فوجي جنرل الزام مڙهيو آهي ته پاڪستاني فوج لائن آف ڪنٽرول تان حد اورانگهي رهي آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ان تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته ڀارتي جنرل جو بيان هميشه جيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۽ ڀارت دنيا جي  توجهه والاريل ڪشمير تان هٽائڻ لاءِ جنگ جا بهانا ڳولي رهيو آهي.

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته هندوستان اهڙي ڪوڙ سان لائن آف ڪنٽرول تي ڪارروائي جو بهانو ڳولي  رهيو آهي پر جيڪڏهن ڀارتي فوج اهڙي ڪابه مهم ڪئي ته پاڪستان کيس 27 فيبروري کان به وڌيڪ سخت جواب ڏيندو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته انڊيا والاريل ڪشمير جي مخدوش صورتحال ۽ ظلمن تان دنيا جي توجهه هٽائڻ چاهي ٿو، والاريل ڪشمير ۾ ميڊيا تي مڪمل پابندي آهي جڏهن ته آزاد جمون ۽ ڪشمير ۾ ايئن ناهي، عالمي ميڊيا ۽ گڏيل قومن جا تبصرو ڪندڙ حقيقتون ڏسڻ لاءِ آزاد ڪشمير جو دورو ڪري سگهن ٿا، پر ڇا ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ميڊيا ۽ گڏيل قومن جي تبصرو ڪندڙن جي دوري جي اجازت ڏئي سگهي ٿي؟.

ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته هزارين انڊين فوجي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري بهادر ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي دٻائي نه ٿا سگهن ۽ هاڻ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي وڌيڪ نفري جي مقرري پڻ ناڪام ٿيندي.