پاڪستان جي مسلمان آبادي پنهنجي غير مسلم پاڪستانين جي محافظ آهي: بلاول ڀٽو

news

لاهور: (آچر 11 آگسٽ 2019ع) چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ جي حڪومتي دور ۾ اسان هميشه قومي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ بهتر قدم کنيا آهن.

اقليتن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي پيغام م پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي اڪثريتي مسلمان آبادي پنهنجي غير مسلم پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي محافظ آهي. 1973ع جو دستور اقليتن جي حقن جي پڪي ضمانت ۽ پ پ جو ترجمان وڪيل آهي. اڇي رنگ کان سواءِ پاڪستان جو سائو جهنڊو مڪمل نٿو ٿي سگهي. بلاول چيو ته پ پ  جي حڪومت هميشه امتيازي ورتاءُ جي خاتمي ۽ قومي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ هميشه قدم کنيا.

قانونساز حڪومتي ادارن ۾ اقليتن جي ڀرپور نمائندگي ۽ هر شعبي ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو. شهيد ڀٽو گڏيل آئين جي ذريعي سمورين امتيازي لڪيرن کي مٽائي ڇڏيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو سنڌ ۾ اقليتي معاملن بابت وزارت قائم ڪئي ۽ آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ عوامي حڪومت هر سال 11 آگسٽ تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.

چيئرمين پ پ چيو ته اسان جي پارٽي اها واحد پارٽي آهي جنهن اقليتن سان تعلق رکندڙ ڪارڪنن کي جنرل سيشن جي لاءِ ٽڪيٽ ڏنا.  هن وقت 2 سينيٽرز، هڪ ايم اين اي، 2 ايم پي ايز ۽ چيئرمين، وائيس چيئرمين سميت بلدياتي ادارن ۾ چونڊيل ڪارڪنن جي تعداد 2 درجن  جي ويجهو آهي. غير مسلم شهرين جي حقن جي حفاظت پاڪستان کي قائداعظم جي نظريات موجب هلائڻ جي جدوجهد جو اهم حصو آهي.