برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن مظلوم ڪشميرين جي حمايت ڪري ڇڏي

news

لنڊن: (اڱارو 13 آگسٽ 2019ع) برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ڪشميرين جي خاص حيثيت جي خاتمي تي هڪ زبان ٿي مودي سرڪار جي چڙڏياريندڙ قدم جي خلاف احتجاج جي لاءِ آواز بلند ڪري ڇڏي.

ڪجهه ڏينهن اڳ برطانوي ليبر پارٽي جي اڳواڻ جيرمي ڪورين ڪشميرين جي حمايت ۾ ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون تڪليف ڏيندڙ آهن.

ڪشميرين جي حق جو احترام ڪيو وڃي ۽ بنيادي انساني حقن جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي. هن  گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمير مسئلي جي حل ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو. جيرمي ڪوربن جي ٽوئٽ کان پوءِ ٻيا ميمبر به ميدا ۾ اچي ويا. ايوان ليوس به ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي قدم خلاف آواز اٿارڻ اسان جي اخلاقي ذميواري آهي.

ڪشمير جي موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال جو فوري طور تي خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ امن جي لاءِ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. برطانوي ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻ سعيده وارثي ڪشمير جي صورتحال تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي طرفان عورتن جي لڄ لٽڻ جي واقعن جي هڪ ڪاري تاريخ آهي.

ڪشميري عورتن کي هن وقت اسان جي مدد جي سخت ضرورت آهي ۽ اسان ڪشمير سان گڏ بيٺل آهيون. جنهن جي لاءِ برطانوي پرڏيهي وزارت عالمي سطح تي ڪشميري عورتن تي ٿيندڙ مظلومن جي خلاف هڪ  بهتر آواز آهي.