سجاول ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، پي ٽي سي ايل آفيس پاڻي هيٺ، موصلاتي نظام درهم برهم

news

سجاول: اڱارو 13 آگسٽ 2019ع:سجاول ۾ تيز برساتن سبب ضلعي جي عوام کي وڏي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي، لڳاتار چار ڏينهن کان وسندڙ تيز طوفاني برسات سبب سوين ڪچن گهرن جو ڇتون اڏامي ويون ۽ هزارن جي تعداد ۾ گهر پاڻي جي هيٺ اچي ويا آهن، هزارين ايڪڙ زرعي زمين تي بيٺل ساريالو فصل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب تباھ ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف سجاول ضلعي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو هئڻ بعد به موصلاتي نظام درهم برهم بڻيل آهي، گذريل پنج ڏينهن کان سجاول ٽيليفون ايڪسچينج پاڻي ۾ ٻڏل آهي.

جنهن ڪري سجاول سميت چوھڙ جمالي، جاتي، ميرووربٺورو، دڙو، ديوان سٽي سميت سڄي ضلعي ۾ ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي سروس معطل بڻيل آهي. 

جڏهن ته برسات بند ٿيڻ ۽ چار ڏينهن گذرڻ باوجود به ٽيليفون ايڪسچينج مان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اڃا تائين پاور سپلاء جنريٽر ۽ مشينون 3 کان 4 فوٽ پاڻي ۾ ٻڏل آهن.

پي ٽي سي ايل انٽرنيٽ واءِ فاءِ ۽ ٽيليفون بند هئڻ ڪري ڪاروباري ماڻھن توڙي صحافين، وڪيلن ۽ سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي.01