ڏهرڪي ويجهو ڪمند جي فصل مان نوجوان جو لاش هٿ

news

گهوٽڪي: خميس 15 آگسٽ 2019ع:ڏهرڪي ڀرسان ڪمند جي فصل مان پڊعيدن واسي 40 سالن جي نوجوان جو پراڻو لاش مليو آهي، باگو ڀٽو وٽ ڪمند جي فصل ۾ بدبوءِ ڪري ويل پراڻو لاش ڏسي ڪمند جي فصل تي بيٺل هارين پوليس کي اطلاع ڪيو.

ڏهرڪي پوليس پهچي همراهه جو لاش کڻائي ڏهرڪي اسپتال پهچايو، پوليس جو چوڻ آھي ته لاش جي سڃاڻپ پڊعيدن واسي اشفاق ولد محمد شفيع راجپوت طور ٿي، جنهن بعد هن جي  وارثن سان رابطو ڪيو آهي.

پوليس موجب همراهه نشي جو عادي هو. لاش ڀرسان هيروئن جي پڙين جا ڪاغذ مليا آھن. لاش ٻن کان ٽي ڏينهن پراڻو لڳي رهيو آھي.01