شڪارپور ضلعي ۾ جي ڊي اي مضبوط آهي: نادر شاهه

news

ڊکڻ: (رپورٽ: ياسين ڌاريجو) جمعو 16 آگسٽ 2019ع:سنڌ حڪومت تبديل ٿيندي نظر اچي ٿي، پيپلزپارٽي ايم پي اي فارورڊ بلاڪ ٺاهي رهيا آهن، جي ڊي اي اڳواڻ نادر شاهه، شڪارپور ضلعي ۾ جي ڊي اي مضبوط آهي، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ضلعي چيئرمين عارف خان مهر هوندو.

سيد نادر شاهه مسيتي، گهوٽڪي ۾ ٿيل ننڍي چونڊ جو شڪارپور جي سياست تي ڪو به اثر نه پوندو، عوامي نمائندا ڪامياب ٿيندا. خبر موجب ف ليگ اڳواڻ ضلعي ڪائونسل ميمبر ايم اين اي الحاج غوث بخش خان مهر جي ويجهي ساٿي سيد نادر شاهه مسيتي ڊکڻ سميت ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن جي معزز شخصيتن اڳوڻي سول جج شاهد حسين سومرو، وڏيرو لياقت خان جيهو، ش ڀ لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر عنايت علي عمراڻي ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪيون، جنهن بعد سيد نادر شاهه مسيتي پريس ڪلب ڊکڻ پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جلد پيپلزپارٽي جا نظر انداز ٿيل ايم پي اي فارورڊ بلاڪ جوڙيندا.

هن چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ جي ڊي اي اڳ کان به وڌيڪ مضبوط آهي، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ضلعي چيئرمين عارف خان مهر ٿيندو، گهوٽڪي ۾ ٿيل ننڍي چونڊ جو شڪارپور جي سياست تي ڪوبه اثر نه پوندو، عوامي نمائندا ڪامياب ٿيندا. هن چيو ته جيستائين پيپلزپارٽي تي ڪرپٽ ماڻهن جو قبضو آهي، تيستائين پيپلزپارٽي ۾ شامل نه ٿينداسين.

هن چيو ته ايم اين اي الحاج غوث بخش مھر عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، جنهن سبب عوام ووٽ ڏئي ٿو، جيڪي 15 سالن کان حڪومت ۾ آهن، انهن عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته آغا سراج دراني اسان جو اتحادي آهي. ان جي مقابلي ۾ پنهنجو ڪو به اميدوار نه اٿارينداسين، آغا سراج دراني کي مطلبي ماڻهو پرکڻ گهرجن.01