جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ قائم علي شاهه جي عبوري ضمانت منظور

news

اسلام آباد: (سومر 19  آگسٽ 2019ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي عبوري ضمانت منظور ڪندي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني  درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو.

وڪيل شاهه خاور دليل ڏيندي چيو ته ڪيس اڃان جاچ واري مرحلي ۾ آهي، اڃان تائين اسان کي نوٽيس به ناهي مليو. جنهن کان پوءِ عدالت 5 لک روپين جي مچلڪن عيوض قائم علي شاهه جي 29 آگسٽ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

عدالت پاران نيب کي نوٽيس  جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب گهري ورتو آهي.