ميرواهه گورچاڻي جي دي ھوپ هاءِ اسڪول ۾ يوم آزادي جي حوالي سان تقريب

news

ميرپورخاص: خميس 22 آگسٽ 2019ع:سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، گورنمينٽ آف سنڌ جي تعاون سان ھلندڙ دي ھوپ هاءِ اسڪول ميرواھ گورچاڻي جي طرفان مقامي ھال ۾ شاندار تقريب ٿي گذري.

تقريب ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ريجنل ھيڊ اشفاق حسين ميراڻي، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ميرواھ گورچاڻي، انجنيئر حاجي احسان الحق، وائس چيئرمين حاجي علي احمد گورچاڻي، ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪولس ميرپورخاص ريجن عبدالباقي ڀنڀرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر عبد الرزاق خاصخيلي، ايس ايڇ او رياض سومرو، صدر پريس ڪلب شجاع آباد ملڪ مشتاق احمد، سينيئر صحافي محمد اسماعيل خلجي، ھيڊ ماسٽر ميرواھ اسڪول مشتاق، ھيڊ ماسٽر دي ھوپ غلام محمد نونداڻي سميت شاگردن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيت، خاڪا، تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا. تقريب ۾ ڪشمير محاذ تي شھيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي نوجوان شھيد سليم راجپوت کي به خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.01