ڀارت خلائي مشن جي ناڪامي جو ذميوار ڪنهن کي چوندو آءِ ايس آءِ يا ڪشميري عوام کي؟: پاڪ فوج ترجمان

news

راولپنڊي: (ڇنڇر07 سيپٽمبر2019ع) پاڪ فوج جي ترجمان ڀارتي خلائي مشن چندريان جي ناڪامي تي چيو آهي ته هاڻ ڀارت خلائي مشن جي ناڪامي جو ملبو ٻيهر آءِ ايس آءِ يا معصوم ڪشميرين تي اڇليندو.

پاڪ فوج ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي خلائي مشن چندريان جي ناڪامي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آءِ ايس آر او (انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن) کي تنقيدي شاباشي ڏيندي چيو ته چندريان جي ناڪامي جو الزام هاڻ ڀارت ڪنهن تي هڻندو، ڇا ناڪامي جو سبب والاريل ڪشمير جو معصوم عوام آهي.

هن چيو ته چندريان مشن جي ناڪامي پٺيان مسلمانن يا ڪنهن ٻي اقليت جو هٿ آهي يا ڀارتي سيٽلائيٽ جي درست رخ ۾ لينڊنگ نه ڪرڻ جي ذميوار آءِ ايس آءِ آهي. چنڊ کي ڇڏيو هندوتوا کي ڪٿي به کڻي نٿا وڃي سگھو، ڇا هندوتوا خلاف بلند آواز مشن چندريان کي چڪناچور ڪري ڇڏيو.