عمران خان جا پٽ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ لهي پيا

news

لنڊن: آچر08سيپٽمبر2019ع: وزيراعظم عمران خان جي لنڊن ۾ رهندڙ پٽن جي ڪرڪيٽ ۾ انٽري جا سوال تقريبن هر پاڪستاني جي ذهن ۾ اٿندا آهن.

عمران خان جيتوڻيڪ سندس سياست ۾ اچن کي رد ڪري چڪو آهي پر ماضي جي عظيم پاڪستان ڪپتان جي پٽن جي ڪرڪيٽ ۾ انٽري تي عمران خان يا سندس اڳوڻي گهرواري جمائمه خان ڪڏهن تبصرو نه ڪيو.

پر هاڻ سليمان ۽ قاسم جي والدا جمائما پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي لڳايل اسٽوري ۾ پٽن جي ڪرڪيٽ ۾ انٽري جو اشارو ڏنو آهي.

جمائما گولڊ سمٿ جي اسٽوري ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سليمان ۽ قاسم ڪرڪيٽ ڊريس ۾ ميدان ۾ موجود آهن.