نوابشاهه ۾ پيپلزپارٽي پاران وفاقي وزير فروغ نسيم جي بيان خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: وفاقي وزير فروغ نسيم پاران ڪراچي کي آرٽيڪل 149 (4) تحت وفاقي حوالي ڪرڻ واري بيان جي ردعمل ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ سان گڏ پ پ پ پاران بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري وفاقي حڪومت ۽ فروغ نسيم خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي.

انهيءَ موقعي تي پ پ پ پاران ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، غلام شاهه لغاري، مير سهراب خان مري، غلام علي چانڊيو، چوڌري جاويد اقبال آرائين نور نواز زرداري ، عبدالرسول بروهي، بشير احمد جمالي، عبدالنبي جمالي، علي نواز چانڊيو، راشد چانڊيو، پ پ پ ليڊيز ونگ جي ، قمر ڌامرا ، نذيران خاصخيلي، رخسانه غوري، ايڊووڪيٽ شبانه نورين ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو سنڌ ورهائيندو ان جو حشر برو ٿيندو.