افغان طالبان آمريڪا کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

news

لنڊن: (اربع 18 سيپٽمبر2019ع) افغان طالبان آمريڪا کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ مستقبل ۾ امن ڳالهين جي ٻيهر شروعات ڪرڻ چاهي ته اسان جا دروازا ڳالهين لاءِ کليل آهن.

بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ طالبان جي امن ڳالهين جي سربراهه شير محمد عباس ستانڪزئي افغانستان ۾ امن جي لاءِ صرف ڳالهيون ئي واحد رستو قرار ڏنو. هن آمريڪا جي ڳڻتي کي رد ڪندي چيو آهي ته طالبان ڪجهه به غلط ناهي ڪيو. شير محمد عباس چيو ته آمريڪي هزارين طالبانن کي قتل ڪيو پر ان دوران جيڪڏهن هڪ به آمريڪي فوجي کي قتل ڪيو وڃي ٿو ته ان جو اهو مطلب ناهي ته ان کي اهڙي طرح جو رد عمل ڏيڻ گهرجي ڇو ته ٻنهي طرفن کان سيز فائر ناهي ٿيو.

هن چيو ته اسان جي طرفان ڳالهين جا دروازا اڃان به کليل آهن ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته ٻئي طرف کان به ڳالهين جي حوالي سان ڪيل فيصلي تي ٻيهر غور ٿيندو. طالبان اڳواڻ چيو ته طالبان ۽ پرڏيهي فوج جي وچ ۾ سيز فائر تي عمل معاهدي تي صحيح  ڪرڻ کان پوءِ ٿيندو پر هن وقت طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڪوبه سيز فائر ناهي.

شير محمد عباس تصديق ڪئي ته طالبان ان امن ڳالهين ۾ مدد جي لاءِ روس ۽ چين تائين پهچ حاصل ڪري ورتي آهي.  هوڏانهن افغان طالبان اڳواڻ جي بيان تي افغان مشير ڊاڪٽر حمدالله چيوته طالبان جي ڌمڪائڻ جي پاليسي ڪامياب نه ويندي. هڪ ئي رستو آهي ته هو افغان حڪومت سان ڳالهين بعد ئي ملڪ ۾ امن ڏسي سگهن ٿا.