محمد وسيم جهڙو ٽيلنٽ اسان لاءِ فخر جوڳو آهي: آرمي چيف

news

راولپنڊي: (اربع 18 سيپٽمبر2019ع) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه باڪسر محمد وسيم جي ڪاميابي تي کيس مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته محمد وسيم جهڙن باصلاحيت نوجوانن کي اسان هميشه سپورٽ ڪنداسين.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان باڪسر محمد وسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ آرمي چيف باڪسر محمد وسيم کي تازو ڪاميابي ماڻڻ تي کيس مبارڪباد ڏني.

پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته محمد وسيم جهڙو ٽيلنٽ اسان لاءِ فخر جوڳو آهي. اهڙن باصلاحيت نوجوانن کي هميشه سپورٽ ڪنداسين ۽ اهڙن باصلاحيت نوجوانن جي مدد لاءِ هر وقت تيار آهيون.