گمبٽ ڀرسان ڳوٺ لولائي ٿيٻا ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٽي ڄڻا زخمي

news

گمبٽ:  22 سيپٽمبر 2019ع، گمبٽ ڀرسان ڳوٺ لولائي ٿيٻا ۾ ٿيٻا برادري جي ٻن ڌرين۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو لٺين ۽ ڪهاڙين جي آزادانا استعمال سبب عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي واقعي خلاف متاثر ڌر جو عورتن سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاج.

ان موقعي تي زخمي مريد حسين ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن غلام رسول ۽ حبيب الله واري ڌر سان ڪافي ٽائيم کان زميني تڪرار هلندڙ هيو اسان زمين تي موجود هياسين ته جوبدارن اسان تي حملو ڪري ڏنو ۽ لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري ڏنا جنهن سبب مريد حسين۔مسمات شازيا ۽ مريم ٿيٻو سخت زخمي ٿي پيا.

هنن ٻڌايو ته زمين ابن جي ملڪيت آهي جنهن جا کاتا به موجود آهن پر جوابدار بااثر آهن ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود پوليس ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي زخمي متاثرن ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.