ڊکڻ ڀرسان جھنگ مان گوليون لڳل لاش هٿ. ديدار شر طور سڃاڻپ

news

ڊکڻ )رپورٽ: ياسين ڌاريجو) 28 سيپٽمبر 2019ع، ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ حيات واھ ٻاهران جهنگ مان گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي. جنهن جي سڃاڻپ ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان واسي ديدار شر طور ڪئي وئي.

اطلاع ملڻ تي ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء ڳڙهي ياسين اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايڇ او ڊکڻ غلام اصغر ڪنگو ٻڌايو ته جهنگ ۾ لاش هٿ اچڻ جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو آهي.

جنهن جي سڃاڻپ ديدار شر طور ٿي آهي. مقتول جي وارثن ٻڌايو آهي ته سندن جو سڱاوتي تان پنهنجي سوٽن سان مسئلو هلندڙ هو جنهن تان کيس قتل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

هوڏانهن مقتول ديدار شر جي امڙ شفيع خاتون ۽ سندس گهر واري زاهده شر ٻڌايو ته هنن جو سڱاوتي تان پنهجي سئوٽن اسلام الدين شر وارن سان تڪرار هلندڙ هو. جنهن ديدار کي کڻي وڃي جهنگ ۾ قتل ڪري اڇلايو آهي.

سڄو ڏينهن گم ٿيڻ تي ڳوليندا رهياسين هاڻي لاش مليو آهي. ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي کين گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.