ٽنڊو ڄام ۾ او جي ڊي سي ايل ڪنر انتظاميا پاران اسڪولي بس بند ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو

news

ٽنڊوڄام : خميس 03 آڪٽوبر 2019ع،  ٽنڊوڄام لڳ او جي ڊي سي ايل ڪنر پلانٽ انتظاميا يونين ڪائونسل سانوڻ خان گوپانگ جي 8 کان وڌيڪ ڳوٺن جي ٻارن کي ٽنڊوڄام شهر ۾ کڻي ويندڙ اسڪول بس هڪ مهيني کان بند ڪري ڇڏي آهي.

جنهن سبب 100 کان مٿي ٻارڙا اسڪول وڃڻ کان لاچار بڻيل آهن، او جي ڊي سي ايل ڪنر انتظاميا پاران اسڪولي بس بند ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڪنر پلانٽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڪالو بهراڻي، آفتاب گوپانگ، حاجي راڻو گوپانگ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسڪول بس بند ٿيڻ سبب 100 کان مٿي ٻارڙا اسڪول نه پيا وڃي سگهن، ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته ٻارڙن جي ٽنڊوڄام شهر جي مختلف اسڪولن ۾ داخلا ٿيل آهي. اسڪول بس بند ٿيڻ سبب ٻارن کي اسڪول نه پيا موڪلي سگهون.

ڪنر آئل ۽ گئس پلانٽ مان روزانو ڪروڙين روپين جو تيل ۽ گئس نڪري رهيو آهي رائلٽي ۾ فقط اسڪول بس ڏني ويئي جيڪا به هڪ مهيني کان بند ڪئي ويئي آهي.

هنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرائڻ جي گهر ڪئي.